اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ داخل مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ ٻن ججن جو اقليتي فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اقليتي تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس واڌو نوٽ به لکيو آهي. چيف جسٽس 14 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فيصلي ۾ آئيني ڀڃڪڙين ۽ ڪوتاهين جي نشاندهي منهنجو فرض آهي، اميد آهي ته اڪثريتي جج پنهنجي غلطين تي غور ڪري انهن کي درست ڪندا. چيف جسٽس چيو بدقسمتي سان اڪثريتي مختصر فيصلي خلاف نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، منهنجي ساٿي ججن جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب ان جي خلاف ووٽ ڏنو، اميد ٿو ڪيان ته اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ پنهنجي غلطين جو تدارڪ ڪندا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته آئين موجب ملڪ هلائين. چيف جسٽس لکيو ته 8 اڪثريتي ججن جي فيصلي جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، انهن مخصوص سيٽن بابت اپيلون نه اڪلايون، جڏهن اپيلون نه اڪلايون ويون ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ سمجهيو ويندو آهي، 8 ججن اپيلون ٻڌڻي هيٺ رکي پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن کي نيون درخواستون داخل ڪرڻ جو چيو، حتمي فيصلو نه ٿيو، تنهن ڪري اڪثرتي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ سان توهين عدالت نه لڳندي.
بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ مليل فنڊ خرچ نه ٿيڻ جو انڪشاف
لائين مرمتي ڪم تيزي سان جاري، اربع مڪمل ٿيندو،ڪارپوريشن
فيسبڪ يا انسٽاگرام اڪائونٽ لاڪ آهي؟ اِن لاڪ جو طريقو ڄاڻيو
لاڙڪاڻو ۾ سڱاوتي تڪرار ، فائرنگ، پيرسن عورت قتل،ڏوهٽي زخمي
سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا
چيف جسٽس جي مقرري: ڪميٽي اجلاس ملتوي، ساڍا 8 وڳي ٿيندو
سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رپيا مقرر
اڪثريتي فيصلي تي عملدرآمد ضروري ناهي، چيف جسٽس جو نوٽ
ڪورم پورو نه هجڻ سبب سينيٽ جو اجلاس بنا ڪارروائي جي ملتوي
آئيني ترميم جي سمورن معاملن کي غيرقانوني سمجهون ٿا: بيرسٽر گوهر
26هين آئيني ترميم سان عوام کي عدالتي نظام مان تڪڙو انصاف ملندو: وزيراعظم
هن ڀيري پوري پاڪستان کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين: علي امين
چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 نالا ڪميٽي حوالي
منحرف سينيٽر قاسم پاران سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ
آمريڪي صدارتي ۽ ٻين چونڊن لاءِ 9 رياستن ۾ پولنگ شروع
سنڌ حڪومت جو ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلائڻ جو اعلان
شاهه سان ايراني قونصل جنرل جي ملاقات، واپار کي وڌائڻ تي اتفاق
نواز شريف ۽ مريم نواز جو برطانيا جو دورو شيڊيول ٿي ويو
سرويچ سجاول هڪ سوچ، فڪر، ۽ آزاد اظهار جو ڪردار هو
پاڪستاني وفد جي مالياتي اڳواڻن سان ملاقات، ڪارڪردگي تي روشني وڌي