ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سيده عليزا سلطان، سنگل پيرنٽ هجڻ جي مشڪلاتن تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي چيو ته سنگل پيرنٽ هجڻ انتهائي ڏکيو آهي، توهان کي ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.مشهور اداڪار فيروز خان ۽ سيده عليزا سلطان جي شادي جا اتار چڙهاؤ هميشه خبرن ۾ رهيا آهن. ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ۽ ٻارن جي تحويل جو معاملو به ڪافي عرصي تائين ميڊيا جي سرخين ۾ رهيو.سندن ٻن ٻارن، فاطمه ۽ سلطان جي حوالگي جو ڪيس هر روز سرخين ۾ ايندو هو. آخرڪار، عدالت ٻارن جي پرورش جون ذميواريون ٻنهي ۾ ورهايون، ۽ هاڻي ٻئي والدين گڏجي ٻارن جي سنڀال ڪري رهيا آهن.
