اڳوڻو باڪسر جارج فورمين 76 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو آمريڪي باڪسنگ ليجنڊ جارج فورمين 76 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.جارج فورمين جي خاندان موجب، هو 21 مارچ تي فوت ٿي ويو.آمريڪي ميڊيا موجب، جارج فورمين غربت ۾ پرورش پائي هئي ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل نه هو.هن پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيترائي ٽائيٽل ۽ سوين ميچ کٽيا. جارج فورمين 1970 ۽ 1980 جي وچ ۾ چار ڀيرا شادي ڪئي، ۽ 1985 ۾ هن پنهنجي پنجين زال سان شادي ڪئي، جنهن سان هو پنهنجي موت تائين رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو