اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ۽ امپائر محمد نذير جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو، سندس پٽ نعمان نذير وفات جي تصديق ڪئي.وارثن جو چوڻ آهي ته نذير جونيئر ڪجهه ڏينهن کان سخت بيمار هو، گذريل ڏينهن سندس طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس اسپتال نيو ويو هو.فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته نذير جونيئر 5 سال اڳ ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي ٿيو هو، جنهن کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي.اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر نذير جونيئر پاڪستان لاءِ 14 ٽيسٽ ۽ 4 ون ڊي ميچز کيڏي چڪو آهي.نذير جونيئر مجموعي طور تي 37 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، هو پاڪستان لاءِ ٽيسٽ ڊيبيو جي پهرين اننگز ۾ 7 وڪيٽون حاصل ڪندڙ پهريون اسپنر پڻ آهي.هو 15 ون ڊي ۽ 5 ٽيسٽ ميچن ۾ امپائرنگ جا فرض به سرانجام ڏئي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو