بائيڪاٽ جو فيصلو صحيح نه هو، جسٽس آفريدي جي مخالفت ڇو ڪريون؟

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان جي مقرري لاءِ قائم ڪيل پارلياماني ڪميٽي مان پارٽي جي بائيڪاٽ جو فيصلو صحيح عمل نه هو. جسٽس يحيٰ آفريدي جو ڪردار صاف رهيو آهي اسان ڇو انهي جي مخالفت ڪريون.هڪ انٽرويو دوران شوڪت يوسفزئي چيو ته چيف جسٽس جي مقرري لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي مان بائيڪاٽ جي فيصلي تي پي ٽي آءِ جي واٽس ايپ گروپ ۾ پارٽي قيادت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو.هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته پارلياماني ڪميٽي مان پارٽي جي بائيڪاٽ جو فيصلو صحيح نه هو جڏهن ته اسان جي طرفان قيادت کي جسٽس يحيٰ آفريدي جي مخالفت نه ڪرڻ جي تلقين به ڪئي وئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي ها، شرڪت نه ڪرڻي هئي ته وفاقي حڪومت سان آئيني ترميم تي ڳالهيون ڇو ڪيون ويون؟ جسٽس يحيٰ آفريدي جو صاف سٿرو ڪردار رهيو آهي انهي جي مخالفت ڪري اسان پنهنجي لاءِ پريشانيون ڇو پيدا ڪريون.

پهنجو تبصرو موڪليو