اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ڀارتي ڪپتان کان هڪ ٻيو رڪارڊ کسي ورتو. ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين 2000 رنز ٺاهڻ جو اعزاز ويرات ڪوهلي وٽ هو جيڪو هن 60 ميچز ۽ 56 اننگز ۾ ٺاهيو هو پر بابر اهو اعزاز54 ميچز ۽ 52 اننگز ۾ حاصل ڪيو. بابر اعظم ڪرڪٽ جي دنيا جو 11 هون بيٽسمين آهي جنهن 2000 رنز مڪمل ڪيون آهن. ويرات ڪوهلي جيڪو آءِ سي سي رينڪنگ ۾ دنيا جو پهريون نمبر بيٽسمين هو ان اعزاز کان به بابر اعظم ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز کٽي کيس محروم ڪيو هو. لاهور ڄائو ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ بابراعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي پهرين سينچري ڏکن آفريڪا خلاف مڪمل ڪئي هئي. ٽي ٽوئنٽي ۾ تيزي سان 2000 رنز ٺاهڻ جو اعزاز ويرات ڪوهلي آڪٽوبر 2017 ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اي بي ڊويليئر کان کسيو هو. بابر اعظم خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو ظهيرعباس، جاويد ميانداد ۽ يوسف جهڙن رانديگرن ۾ ھڻيو ٿو وڃي جيڪو سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته هاني نمبر ون جو اعزاز ڊگهي عرصي تائين پاڻ وٽ رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي. ياد رهي ته 1984 کان 1988 تائين اهوا اعزا سر ويون رچرڊز وٽ رهيو ۽ ڪوهلي وٽ 1258 ڏينهن يعني ساڍن ٽن سالن کان به گهٽ عرصو رهيو. ٽي 20 ۾ تيز ترين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز ڏکڻ آفريڪا جي ڊيوڊ ملر وٽ آهي جنهن پنهنجي سرزمين تي بنگلاديش خلاف صرف 35 بالن تي سينچري ٺاهي هئي. ٽي 20 ۾ هن وقت سڀ کان وڌيڪ 2271 رنز ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي جيڪو هن 75 ميچز کيڏڻ بعد حاصل ڪيو آهي. تيز ترين 2000 رنز ٽي 20 ۾ ٺاهڻ وارن 11 رانديگرن ۾ ٽئين نمبر تي آسٽريليا جي ايرون فنچ وٽ آهي جنهن 62 ميچز جي 62 اننگز کيڏڻ بعد حاصل ڪيو.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار