بابر اعظم تي شادي جو الزام عورت عدالت پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) جنهن عورت قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي شادي جو آسرو ۽ ٻيا الزام هنيا  آهن سا هن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت پهچي وئي.حاميزه جنهن جو  بابر اعظم تي 11 سالن جي تعلقات جو الزام آهي ، هن نصير آباد پوليس ٿاڻي تي ڪيس جي اندراج لاءِ درخواست ڏني هئي ، جنهن بعد هن ايڊيشنل سيشن جج لاهور جي عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪئي آهي.عدالت عورت جي درخواست تي نصير آباد پوليس جي ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.حاميزه مختار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته بابر اعظم شادي جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي هو انڪار ڪري رهيو آهي هن مون سان دوکو ڪيو آهي عدالت سندس خلاف ڪيس جي رجسٽريشن جو حڪم ڏي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور کان حاميزا نالي هڪ عورت هڪ پريس ڪانفرنس ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي سنگين الزام هڻي چڪي آهي عورت بابر اعظم تي ريپ ، مار ڪٽ ، ڌمڪيون ، اسقاط حمل ۽ شادي ڪرڻ جو الزام هنيو هو ، جڏهن ته حاميزه ڪرڪيٽر عثمان قادر جو نالو به کنيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو