بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان ٻاهر

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي بيٽسمين بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ کان به ٻاهرٿي ويو آهي  جنهن بعد محمد رضوان ٽيم جي قيادت ڪندو.پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ ٻيو ۽ آخري ٽيسٽ سڀاڻي هيگل اوول ڪرائسٽ چرچ ۾ شروع ٿيندي.بابر اعظم پنهنجي سڄي هٿ جي آنڱوٺي ۾ فريڪچر سبب  ٽي 20 جي سيريز کيڏي نه سگهيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مطابق  بابر اعظم ڪالهه ڪرسٽ چرچ اچڻ تي هن پورو نيٽ سيشن ڪيو پران جي دوران هن پنهنجي انڱوٺي ۾ درد محسوس ڪيو.ٻه جنوري تي ڪرائسٽ چرچ ۾ برسات سبب بابر اعظم قومي ٽيم جي نيٽ سيشن دوران بيٽنگ جي مشق نه ڪري سگهيو.پي سي بي جو طبي پينل ۽ ٽيم انتظاميا بابر اعظم جي صحتيابي مان مطمئن آهي پر ڪنهن به قسم جو خطرو کڻڻ نٿا چاهين.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊاڪٽر سهيل سليم جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي انجري ۾ بهتري واضح آهي هن لڳاتار ٻن ڏينهن تائين باقاعدي نيٽ سيشن ۾ حصو ورتو آهي.ڊاڪٽر سهيل سليم چيو ته بابر اعظم قومي ٽيم جو ڪپتان ۽ اهم بيٽسمين آهي تنهن ڪري اسان جلد بازي نه ڪنداسين.هن چيو ته طبي ٽيم بابر اعظم جي انجري جو مستقل جائزو وٺي رهي آهي ۽ اسان کي پوري اميد آهي ته هو ڏکڻ آفريڪا خلاف گهرو سيريز لاءِ مڪمل طورتي صحتياب هوندو

پهنجو تبصرو موڪليو