بابر اعظم کي ٻي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو

سڊني (ويب ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ويب سائيٽ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ جو اعلان ڪيو آهي.ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ٻن سالن دوران بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو.پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل ڪيو ويو.بابر اعظم چيمپيئن شپ دوران 14 ٽيسٽ ميچون کيڏيون ۽ 08.61 جي اوسط سان 1527 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 4 سينچريون ۽ 10 ففٽي شامل آهن.چيمپيئن شپ دوران قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف سڀ کان وڏي اننگز کيڏي جنهن ۾ هن 196 رنسون ٺاهيون.اعلان ڪيل ٽيم ۾ آسٽريليا جو عثمان خواجه، ٽريوس هيڊ ۽ پيٽ ڪمنز شامل آهن، پيٽ ڪمنز کي به ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.ان کان علاوه ٽيم ۾ ڀارت جو رويندرا جڊيجا، رشڀ پنت، روي چندرن ايشون، انگلينڊ جو جو روٽ ۽ جيمس اينڊرسن، سريلنڪا جو ڊيموٿ ڪرونا رتني ۽ ڏکڻ آفريڪا جو ڪگيسو ربادا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو