بابر اعظم ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم قومي ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.بابر اعظم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.هن چيو ته هو هڪ رانديگر جي حيثيت سان ڪردار ادا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.بابر اعظم چيو ته ڪپتاني سٺو تجربو رهيو پر ڪم لوڊ وڌي ويو، مان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏيڻ چاهيان ٿو.هن وڌيڪ چيو ته فيملي سان وقت گذارڻ چاهيان ٿو، هن وقت تائين جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ان تي فخر آهي، هڪ رانديگر جي حيثيت سان پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو