بابر ۽ سرفراز 5 فيبروري تي بگٽي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد 5 فيبروري تي آمهون سامهون ٿيندا.بلوچستان حڪومت ۽ پي سي بي جي سهڪار سان بگٽي اسٽيڊيم ۾ نمائشي ميچ کيڏي ويندي.يلو ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جڏهن ته پرپل ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد ڪندو.بابر اعظم جي قيادت ۾ شاهد آفريدي، وهاب رياض ايڪشن ۾ هوندا، محمد حارث، دانش عزيز ۽ صائم ايوب به ٽيم جو حصو هوندا.سرفراز احمد جي قيادت ۾ کيڏي ويندڙ ٽيم ۾ افتخار احمد، محمد حسنين، نسيم شاهه ۽ عمر اڪمل شامل هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو