اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ پ پ اڳواڻ بابل ڀيو جي ضمانت رد ڪندي احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سُپريم ڪورٽ جي جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ پ پ شڪارپور جي ضلعي صدر الهه ڏنو ڀيو عرف بابل ڀيو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي پر بابل ڀيو جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪئي وئي. اُن کان اڳ ٻڌڻيءَ دوران وڪيل چيو ته بابل ڀيو وٽ سڌي ريت ڪوبه سرڪاري عهدو نه رهيو آهي، رڳو حڪمران جماعت جو ضلعي صدر هو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته بابل ڀيو اڪائونٽ ۾ موجود 40 لک رُپين جي وضاحت ناهي ڪري سگهيو ۽ نيب جو چوڻ آهي ته اُهي 40 لک مختلف ٺيڪن جي ڪميشن مان ورتا ويا. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اها معمولي رقم آهي، نيب وٽ وڏن معاملن تي جاچ التوا ۾ پيل آهي، عدالت چاهي ته 40 لک گارنٽي طور جمع ڪرايون ٿا. جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته 40 لک ڏيڻا آهن ته پلي بارگين ۾ وڃي ڏيو، درخواست واپس وٺو ته جاچ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِچئي ڇڏيون ٿا. وڪيل چيو ته درخواست واپس وٺان ٿو، عدالت عظميٰ ٽرائل جي حوالي سان ڀلي هدايتون ڏئي. اُن کانپوءِ سُپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/06/patti-1-1536x173-1.jpg)