بازئي فيصلو ڪالعدم، صاحب جو حڪم آيو ڪميشن ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن عادل بازئي کي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بحال ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ عادل بازئي کي قومي اسيمبلي کي ڊي سيٽ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي طريقيڪار تي سوال اٿاري ڇڏيا. جسٽس عائشه ملڪ سوال ڪيو ته عادل بازئي ڪيس ۾ حقيقتون جاچڻ لاءِ ڪميشن ڪهڙي انڪوائري ڪئي آهي، جسٽس عقيل عباسي چيو ته بس وڏي صاحب جو خط آيو ته ماڻهو کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو، اهو نه ٿو ٿي سگهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هڪ تڪ جي عوام کي ڊي فرنچائز ڪرڻ جو پئمانو سخت هئڻ گهرجي. عادل بازئي جي وڪيل سردار تيمور چيو ته هڪ ڏينهن ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن پهتو، ٻئي ڏينهن ڪارروائي شروع ڪئي وئي، هنن بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، کين لاڳاپيل دستاويز تي پيش ڪيا وڃن، هنن جيڪو مسلم ليگ ن سان وابستگي جو قسم نامو پيش ڪيو اهو ته پيش ڪيو وڃي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته دستاويز سيڪرٽ آهن. عدالت ڊي جي اليڪشن ڪميشن کي روسٽرم تي طلب ڪري ورتو. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هنن وٽ به قسم ناما آيا، هڪ کٽڻ وارو چوي ٿو ته سندس آهي جڏهن ته ٻيو چوي ٿو ته سندس ناهي، توهان ڪهڙي اختيار تحت هڪ قسم نامي کي درست قبول ڪيو آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن چئي سگهي ٿي ته هڪ قسم نامو پسند ناهي ٻيو اچي ويو آهي. جسٽس عائشه ملڪ چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن ملڪ جي سمورين عدالتن کان مٿڀري آهي، توهان کي ڪنهن شيءَ جي پرواهه ناهي، ڇا توهان ڪنهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالتن ۽ مئجسٽريٽن کي به نه ٿا قبول ڪيو، پاڻ به جاچ نه ٿا ڪيو، ڇا اليڪشن ڪميشن اهڙو ٽرائل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ٽرائل ڪورٽ جا اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ڪٿان آيا آهن، اليڪشن ڪميشن ته بلڊوزر لڳائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ عادل بازئي جي اپيل منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو