بالي ووڊ اداڪارائن جا منشيات ڪيس ۾ بيان رڪارڊ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نمبر ون طور ڳڻيون ويندڙ اداڪارائن کي منشيات استعمال ڪرڻ بابت اينٽي نارڪوٽڪس بيورو يعني اين بي ايس جاچ لاءِ طلب ڪيو آهي. سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان، ڊپيڪا پڊڪون، سندس مئنيجر، ڪرشما ۽ شرڌا ڪپور بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. هنن مختلف پارٽين ۾ منشيات جي استعمال بابت متضاد بيان ڏنا آهن. بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد کين ٻيهر طلب ڪيو ويندو. جاچ ۾ اهم انڪشاف ٿيو آهي ته منشيات جي ڏيتي ليتي وارو واٽس ايپ گروپ دپيڪاپڊڪون هلائيندي هئي ۽ هوءَ ان جي ايڊمن به هئي. منشيات ڪيس ۾ دپيڪا کانسواءِ شرڌا ڪپور، سارا علي خان ۽ راڪول پريت به جاچ ۾ شامل آهن. اين بي سي کي دپيڪا جي مئنيجر ڪرشما ڪپور جي فون مان به ڪجهه چيٽ هٿ آيا آهن جن ۾ هوءَ هشيش گهرائڻ بابت ميسيج ڪري ٿي. اين ڊي ٽي وي وارن ڊي ۽ ڪي سان ٿيل چيٽ جو فوٽو به جاري ڪيو آهي.

Screen shot NDTV

پهنجو تبصرو موڪليو