ممبئي (ويب ڊيسڪ) پنهنجي ئي لائسنس يافته پسٽل مان گولي ڇٽڻ سبب زخمي ٿيندڙ بالي ووڊ اداڪار ۽ سياسي اڳواڻ گووندا پنهنجي چاهيندڙن لاءِ آڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، گووندا پنهنجي پيغام۾مداحن جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو ٿورا مڃيندي پنهنجي طبعيت بابت آگاهه ڪيو. اداڪار چيو ته پرستارن، والدين ۽ سندس گروءَ جي دعائن کيس بچائي ورتو آهي، مون کي گولي لڳي هئي، جيڪا هاڻي ڪڍي وئي آهي، ڊاڪٽرن جي محنت ۽ مدحن جي دعائن تي سندن ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته گووندا اڄ صبح اٽڪل چار لڳي 45 منٽن تي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو هو، هو هڪ شو لاءِ صبح ڇهين وڳي جي فلائيٽ ۾ ڪولڪتا وڃي رهيو هو. اداڪار جي مئنيجر ششي سنها پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته سندن ڪولڪتا ۾ هڪ شو شيڊيول هو ۽ صبح ڇهين وڳي جي فلائيٽ هئي، هو ايئرپورٽ پهچي چڪو هو ۽ گووندا نڪري رهيو، ان دوران سندس ريوالر مان غلطي سان گولي ڇٽي جيڪا سندس ڄنگهه ۾ وڃي لڳي.
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار
يمن مان حوثين جو تل ابيب تي ميزائل حملو، 16 ڄڻا زخمي
سنڌيار ڪراچي 21 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 21 ڊسمبر 2024ع
پروفيسر عبدالستار،تعليم، جدوجهد جو روشن مثال
انساني اسمگلرن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف فوري ڪاروائي جھو حڪم
ڊمپرن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا: گورنر سنڌ
هڪ ٻن ڏينهن ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خوشخبري ملندي: مولانا