بالي ووڊ کانپوءِ هالي ووڊ ۾ به پٺاڻ جي هاڪ پئجي وئي

لاس اينجلس( ڊيسڪ نيوز) پاڪستان جي خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ مشهود عالم کي هالي ووڊ جي ايڪشن فلم ۾ هيرو جو ڪردار ملي ويو. ضلعي ڪرڪ جو مشهود عالم جيڪو جمانسٽڪ جو رانديگر پڻ آهي 5 سال اڳ آمريڪا منتقل ٿيو ۽ هن هالي ووڊ ۾ قسمت آزمائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي، نيٺ قسمت جي ديوي هن جي محنت ۽ ڪوششن تي راضي ٿي پئي ۽ کيس هالي ووڊ جي هڪ شارٽ فلم “دي ڪيور” ۾ مرڪزي ڪردار ملي ويو. هي ايڪشن سان ڀرپور ٿرلر فلم آهي، جنهن ۾ هو دنيا کي خطرناڪ وائرس ڦهلائيندڙ گينگ کان بچائي ٿو. هن سان اهم اداڪار گلين بيگرلي به گڏ ڪم ڪيو آهي ۽ هدايتڪار احميت اتالي آهي، فلم 2020 ۾ رليز ٿيندي پر ان جي پهرين ٽيزر ئي ڌم مچائي ڇڏي آهي ۽ فلم جي مداحن ۾ تجسس وڌائي ڇڏيو آهي. مشهود عالم جو چوڻ آهي ته هو هالي ووڊ فلمن ۾ ولن جو ڪردار پسند ڪري ٿو ۽ ايندڙ فلم ۾ هو ولن جو ڪردار ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو