بالي ووڊ ۾ حجم ايترو ڪمائين ٿا جو سوچيان ٿو اِهو ڌنڌو ڪريان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ناليواري شاعر ۽ اسڪرين رائيٽر جاويد اختر سيليبريٽي ٽيم جي وڌندڙ خرچن تي تنقيد ڪئي آهي. هڪ تازي انٽرويوءَ ۾ جاويد اختر ٻڌايو ته اڄڪلهه سيليبريٽيز سان گڏ سندن ٽيم ميمبرن جي انگ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب پروڊڪشن جا خرچ وڌي ويا آهن. جاويد اختر چيو ته هاڻي هيئر اسٽائلسٽ روزاني بنيادن تي 75 هزار رپيا وٺي رهيا آهن، جيڪڏهن پهريان خبر هجي ها ته حجم ايترو ڪمائين ٿا ته اِهو ڌنڌو ڪيان ها. هن چيو ته مشهور شخصيتون پاڻ سان ٽي وينز گڏ آڻينديون آهن، هڪ وزرش لاءِ، هڪ کاڌي پيتي لاءِ ۽ هڪ ۾ ويهي ماني کائينديون آهن. انٽرويوءَ دوران پنهنجي ٻارن زويا اختر ۽ فرحان اختر سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت جاويد اختر چيو ته سندس اولاد کيس بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي تنقيد جو نشانو بڻائيندي آهي. هن چيو ته زويا ساڻس هر موضوع تي کُلي ڳالهائيندي، جڏهن ته فرحان گهڻي ڀاڱي سندس شاعريءَ جي سٽن کي رد ڪري ڇڏيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو