اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان تحريڪ انصاف جي احتجاج تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا باني اڄ به ادارن کان ڳالهين جو مطالبو ڪري رهيا آهن، اها درخواست ڳالهين جي نه پر ڊيل جي آهي.هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هاڻي عالمي اخبارون به لکي رهيون آهن ته باني پي ٽي آءِ ادارن سان ڊيل چاهين ٿا.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو احتجاج پرامن آهي ته پوءِ اسلام آباد انتظاميا کان اجازت ڇو نه ورتي وئي؟ شيري رحمان جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن سان ڊيل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.اهو ڪنهن به لحاظ کان پرامن سياسي احتجاج ۽ جلسو ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد تي حملي جي تيارين ۾ مصروف آهي، خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت صوبي ۾ امن ۽ ترقي بدران انتشار پکيڙڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي.
سارين جي امدادي اگهه ۾ اضافي جو مطالبو
سنڌيار سکر 21 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 نومبر 2024ع
راولپنڊي پوليس عمران خان جي نئين ڪيس ۾ گرفتاري ڄاڻائي ڇڏي
عزه ۾ جنگبندي جو ٺهراءُ چوٿون ڀيرو آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو
چوپائي مال ۽ ماهيگيرن لاءِ انقلابي منصوبن تي ڪم ڪنداسين: ملڪاڻي
وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم
عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ سستي بجلي فراهم ڪرڻ ترجيح آهي
توشه خانه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور
سنڌ پوليس لاءِ جديد هٿيار خريد ڪرڻ جو آرڊر ڏنو آهي: لنجار
ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ايس ٽي پي سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو
بنون چوڪي تي حملو، 12 جوان شهيد، 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سلام آهي سنڌ جي ماڻهن کي جن سرڪار کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ کان روڪيو
مڇي مارڻ لاءِ ماحول دوست ۽ جديد طريقا اختيار ڪريو، شاهه
پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي
اسلام آباد ۽ رياض کي جاڙا شهر قرار ڏيڻ جي تجويز، سعودي جو اتفاق
ناڪاره جهاز جي ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي
بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل
ٿرڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو، هڪ زخمي
سڳين ۾ منشيات جو وڪرو عام، نوجوان منشيات واپرائڻ سبب فوت