باهوکوسو:(ن س ) باھو کوسو ۾ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جي عورت ۽ ٻارن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، افسوسناڪ واقعو پيش اچڻ کان پوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي، فوت ٿي ويلن جا لاش پاڙي وارن ۽ گهر ڀاتين پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍيا. هڪ ئي گهر جي چئن ڄڻن جي فوت ٿيڻ سبب گهر ۾ قهرام متل آهي.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته شھر جي کوسا محلا ۾ نصيب الله کوسو جي گھر جي ڀت ڪري پئي ـ جنهن جي نتيجي ۾ گھر ڌڻي نصيب الله کوسو جي گھر واري رابعا, پٽ احسان کوسو، 8 ورهين جي صاديعه، 10 ورهين جي شازيه کوسو دٻجي فوت ٿي ويا آھن ـ ھڪ ئي گھر ۾ چئن ڄڻن جي فوت ٿي وڃڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آهي ۽ علاقي ۾ سوڳ واري صورت حال ڇانيل آهي.
