لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان پنهنجي ناراض زال فريال مخدوم کي قيمتي ڪار تحفي ۾ ڏني آهي.باڪسر عامر خان دبئي ۾ پنهنجي زال کي 130 هزار پائونڊ جي جديد جي ويگن طرز جي ڪار تحفي ۾ ڏني.باڪسر عامر خان گاڏي جي هڪ وڊيو به سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن ۾ فريال مخدوم خان جي چهري جا تاثرات ڏسي سگهجن ٿا.عامر خان چيو آهي ته فريال کي جي ويگن طرز جي ڪار پسند آهي، مان هي ڪار ڏئي فريال کي سرپرائز ڏيڻ چاهيان ٿو، اميد آهي ته فريال کي اها ڪار پسند ايندي.تازو ئي عامر خان جو ماڊل سان پيغامن جي مٽا سٽا جو اسڪينڊل سامهون آيو، جنهن تي فريال مخدوم مٿس ناراض ٿي وئي.ان حوالي سان برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته عامر خان قيمتي ڪار جو تحفو ڏئي شين کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2023/08/588.png)