بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ پيٽرول جا پئسا ۽ وسيلا لڳايا ويندا: ملڪ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ پيٽرول جو پئسو ۽ وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ وزيراعظم جلد بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪندو.وزارت جو چارج سنڀالڻ کان پوءِ علي پرويز ملڪ لاهور ۾ ڪوٽ خواجه سعيد اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حڪومت عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪندي، جيڪي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن انهن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.هن چيو ته آءِ ايم ايف وزيراعظم جي معيشت جي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، ۽ وزيراعظم شهباز شريف مسئلن جي حل لاءِ سڀني سان هٿ ملائيندو.پيٽروليم واري وزير چيو ته بجلي جي قيمت گهٽائڻ لاءِ پيٽرول جا پئسا ۽ وسيلا استعمال ڪيا ويندا ۽ وزيراعظم جلد بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو اعلان ڪندو. دهشتگردي بابت ڳالهائيندي پيٽروليم واري وزير چيو ته دهشتگردي جو عذاب ٻيهر اڀري رهيو آهي، جنهن خلاف قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو. ان مقصد لاءِ پي سي منعقد ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته پاڪستاني فوج جا سپاهي ڏکئي وقت ۾ اسان جو دفاع ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو