حسن نصرالله جي شهادت ۽ مهانگائي خلاف احتجاج،چڪريون گرفتاريون

ڪراچي /اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان بجلي حوالي سان ٿيل معاھدي تي عمل نه ڪرڻ خلاف امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي آچر ڏينھن ملڪگير احتجاج جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ پڻ ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين احتجاجي مظاھرا ڌرڻا ھنيا ويا.جنھن کي جماعت اسلامي جي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي لبنان ۾ اسرائيلي بمباري سان شھيد ٿيندڙ عالمي اڳواڻ حسن نصرالله جي پڻ غائبانه نماز جنازہ ادا ڪئي وئي.ڪراچي حيدرآباد ،ميرپور خاص ، لاڙڪاڻي ، سکر ،جيڪب آباد، مٺي ، شڪارپور ، ڪشمور ٽنڊوالھيار ، ٽنڊوآدم ،قنبر ، بدين ٺٽي جي ڌرڻن ۾ شريڪ ماڻھن حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ گھر ڪئي ته بجلي گئس سستي، ظالماڻا ٽيڪسن ختم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي ته جيئن عوام ڪوسک جو ساھ کڻي سگهي.ٿرپارڪر جي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ڪشمير چوڪ مٺي ۾ پڻ احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو ھنيو ويو. شريڪ ماڻھن مھنگائي ختم بجلي جا اگھ گھٽايو عوام کي جيئري رھڻ جو حق ڏيو جا نعرا ھنيا.سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ فلسطين ڪشمير ۽ لبنان سميت سموري دنيا ۾ مسلمانن جو رت پاڻيءَ وانگر وھايو پيو وڃي، غزہ کي مٽي جو ڍير بڻائي لبنان تي ڪاھ ڪئي وئي سول آبادي تي حملا ڪري حسن نصر الله سميت سوين ٻارڙن توڙي عورتن کي شهيد ڪيو ويو آھي.آمريڪا سميت طاقتور ڌريون اسرائيل جي درندگي کي روڪڻ ۽ مظلومن سان ھمدردي بدران ظالم جو ساٿ ڏيئي رھيا آھن. جماعت اسلامي سنڌ جي امير جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت مسلسل بجلي گئس جا اگھ وڌائي توڙي ظالماڻا ٽئڪس ھڻي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. فارم 47 واري جعلي حڪومت آء پي پيز سان گڏجي ڪري عوام جو رت چوسي رھي آھي جنھن جي خلاف حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي روڊن تي آھي. حڪمرانن روش تبديل ۽ عوام کي رليف ڪونه ڏنو تو پوءِ اسلام آباد طرف لانگ مارچ ۽ بل نه ادا ڪرڻ جي آپشن تي غور ڪيو ويندو. ڌرڻي کي ضلعي امير مير محمد بليدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ان موقعي لبنان ۾ اسرائيل جي بمباري سان شھيد ٿيندڙ عالمي اڳواڻ حزب الله جي سربراھ حسن نصر الله جي غائبانه جنازي نماز پڻ ادا ڪئي وئي.جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻي جي باغ جناح پريس ڪلب وٽ رٿيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت معاھدي جي خلاف ورزي ڪري پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھنيو آھي . جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان اڳم واضح ڪيو ھو ته جيڪڏھن معاھدي تي عمل ڪونه ٿيو ته اسان هڪ ڀيرو وري روڊن تي ھونداسين. جماعت اسلامي واحد پارٽي آھي جيڪا عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ميدان ۾ نڪتل آھي . ٺٽي پريس ڪلب نيشنل ھاءِ تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي جي طوفان عوام کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن عوام کي پنهنجن حقن توڙي ظالم قوتن کان نجات لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

جماعت اسلامي جو اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد سندس گهرواري سميت گرفتار

اسلام آباد پوليس آرٽيڪل 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي جماعت اسلامي جي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اسلام آباد پوليس اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد جي گهر واري کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.اسلام آباد پريس ڪلب ٻاهران اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد سميت 10 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.مشتاق احمد خان غزه بچايو مهم جي سلسلي ۾ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪري رهيو هو ته پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو.ٻئي طرف ڪراچي ۾ حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جي قتل خلاف ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپ ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.ڪراچي ۾ اسرائيلي حملي ۾ حسن نصرالله جي شهادت خلاف ريلي ڪڍي وئي.ايم ٽي خان روڊ تي مظاهرين کي روڪيو ويو، جنهن تي مظاهرين پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس طرفان شيلنگ پڻ ڪئي وئي.مظاهرين جي پٿراءُ سبب ڪيترائي صحافي زخمي ٿي پيا، ايم ٽي خان روڊ تي مظاهرين موٽرسائيڪل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

حسن نصرالله جي شهادت: ڪراچي ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو، ڪيترائي اهلڪار زخمي

ڪراچي ۾ ايس ايس او ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻي ۾ حسن نصرالله جي شهادت خلاف ريلي دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهيڙي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا.حزب الله اڳواڻ حسن نصرالله جي شهادت خلاف احتجاجي مظاهرو چورنگي کان ڪڍيو ويو، جيڪو ايم ٽي خان روڊ تي پهتو ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو، جنهن دوران جيو نيوز جو صحافي دانيال سيد ۽ ٻيا صحافي زخمي ٿي پيا. ان موقعي تي ايم ٽي خان روڊ تي آمريڪي قونصليٽ ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪيا ويا.ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي مجلس وحدت مسلمين جي مرڪزي اڳواڻ علامه حسن ظفر نقوي چيو ته حسن نصر الله شهيد آهي، بيت المقدس جو شهيد آهي، فلسطين تمام جلد آزاد ٿيندو، غزه ۾ هزارين ماڻهن جي شهادت ۽ بيگناهه انسانن کي شهيد ڪيو ويو. لبنان ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل شامل آهن.ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ايم ٽي خان روڊ تي پهچي نعريبازي ڪئي، جڏهن ته اهلڪارن آمريڪي قونصليٽ ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪيو، زخمين ۾ ايس ايڇ او موچڪو انسپيڪٽر بشير به شامل آهي پوليس پاران حراست ۾ ورتو ويو.ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جيو نيوز جي ڪيمرا مين عدنان حيدر کان ڪيمرا به ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته هڪ خانگي ٽي وي چينل جي سيٽلائيٽ وين کي به نقصان پهتو.پوليس پاران ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ بعد مظاهرين منتشر ٿي ويا.ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڊي آءِ جي ڏکڻ کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته صحافين سميت شهرين کي بازياب ڪرايو وڃي، فساد، پٿراءُ ۽ ناراض ماڻهن کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ پوليس گهرائي وڃي.هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو