نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل روشن ٻرڙو، مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو۽ جوائنٽ سيڪريٽري ادريس چانڊيو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کان صرف 460 ارب ڀرائي آصف علي زرداري کي عدالتي اين آر او ڏنو آهي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمران سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن بحريا ٽائون ذريعي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ ان قبضي کي قانوني حيثيت ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان فيصلو ورتو ويو، جيڪو زرداري لاءِ عدالتي اين آر او آهي. هنن چيو ته سنڌ کي حڪمرانن تباهه ڪيو آهي. هزارين ماڻهو هيپاٽائيٽس جو شڪار آهن پر اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ناهي. لاڙ پٽَ ۾ ماڻهن ۽ جانورن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي پر حڪمران ڪرپشن کان بچڻ لاءِ واويلا ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته حيدر منزل جي رپيئر جو ڪم ٿي رهيو آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته حيدر منزل قديمي آهي جنهن کي وقت به وقت رپيئر جي ضرورت پئي ٿي پر سازشي ماڻهن سنڌ جي اڀرندڙ سياسي قيادت سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه خلاف الزامن جا تير وسائڻ شروع ڪيا آهن ۽ ڪير به حقيقت ڄاڻڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته حيدر منزل سنڌ جو قومي اثاثو آهي جنهن کي ميسارڻ لاءِ سوچي به نه ٿو سگهجي، ان ڪري حيدر منزل کي بهانو بڻائي سنڌ جي قيادت ڏانهن تير وسائڻ بجاءِ اچو ته گڏجي سنڌ لٽيندڙن خلاف تيرن جو وسڪارو ڪيون. ان موقعي تي ايس يو پي جا اڳواڻ عزيز ڦل، خادم سيال، مهر وسطڙو، رضا بهڻ ۽ ٻيا به موجود هئا. ان کان اڳ ايس يو پي تعلقي اجلاس ۾ پارٽي جي ميمبرشپ جا فارم ڀريا ويا.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
