بختاور پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو نانا سان منسوب ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بختاور ڀٽو پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو پنهنجي نانا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان منسوب ڪندي رکيو آهي. بختاور ۽ سندس مڙس محمود چوڌري انسٽا گرام تي ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هنن 20 آڪٽوبر تي ڄاول پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو مير ذوالفقار محمود چوڌري رکيو آهي. 31 جنوري 2021 تي شاد ڪندڙ هن جوڙي جي وڏي پٽ جو نالو مير حاڪم محمود چوڌري ۽ ٻئي پٽ جو نالو مير سجاول محمود چوڌري رکيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو