بخشاپور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل

بخشاپور (ن س )بخشاپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ عبدالرحيم ڊومڪي ويجھو اڻڄاتل هٿياربندن صحبت گولو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ جي اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو