خيرپور:(ن س) لقمان جي واپاري برادري جي ماڻهن جاويد شيخ، ذوالفقار جانوري، شرافت علي ۽ ٻين ڇٽر بند ڪري روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي سندن چوڻ هو ته بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ڪوبه واپاري شهر ۾ ڪاروبار نٿو ڪري سگهي. جيئن ئي دڪان کوليون ٿا ته هٿياربند موٽرسائيڪلن تي اچي ڪري ڦر ڪن ٿا ۽ سري عام فائرنگ به ڪن ٿا پر پوليس ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي واپاري اڳواڻن چيو ته پوليس ڏوهارين سان مليل آهي بدامني جي ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون موٽرسائيڪل جي ڦر ته روزاني جو معمول بڻيل آهي پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مظاهرين چيو ته اسان ڊي آء جي سکر کان مطالبو ڪريون ٿا ته بدامني جو نوٽيس وٺي ضلعي خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ پوليس ۾ لڪيل ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
