بدين واسي سنڌ قلندر کي فٽبال ميچ کٽرائي ورتي

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ)ايبٽ آباد جي فٽبال گرائونڊ تي قومي انڊر 23 فوٽ بال چيمپيئن شپ جو پهريون ميچ سنڌ قلندر ۽ ڪشمير ڪنگز جي وچ ۾ کيڏيو ويو. جنهن ۾ سنڌ قلندر ٽيم جي رانديگر بدين سان تعلق رکندڙ نوجوان فوٽ بالر زيد احمد عرف سني ڀنڀرو جي ڪڪ تي ٿيل گول ڪاميابي جو سهرو سنڌ قلندر جي حصي ۾ آڻي ڇڏيو. ٽورنامينٽ ۾ شامل 12 ٽيمن جي رانديگرن گڏيل طور تي مارچ پاسٽ ۾ حصو ورتو، ان موقعي تي پنجاب فٽبال ايسوسيئيشن جي صدر سردار نويد احمد، پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي سيڪريٽري نويد اڪرم ۽ ميمبر ڪانگريس چوڌري فقير محمد، فاٽا فٽبال ايسوسيئيشن جي صدر شاھد شنواري، چيمپئن شپ جو ڊائريڪٽر عمر ضياء پڻ موجود ھئا.

Sunny Bhanbhro, Photo Sindhyar

تقريب کي خطاب ڪندي سيد اشفاق حسين شاھ چيو ته ملڪ جي فٽ بال جي وڌ کان وڌ مقابلن جو انعقاد ڪيو ويندو ۽ پاڪستان فٽبال فيڊريشن ملڪ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ليگ ڪرائڻ وڃي رھي آھي. سني ڀنڀرو جي بهترين راند تي کيس مستقبل جو سٺو رانديگر قرار ڏنو ويو . ڀنڀرو چيو ته کيس پنهنجو پاڻ تي پورو يقين آهي ته هو موقعا ملڻ تي فوٽ بال راند ۾ ملڪ جو نالو عالمي سطح تي چمڪائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو