بدين (ن س)شھيد فاضل راهوءَ جي نگري ۾ علي احمد جوکئي کان پوءِ سياسي شعور جو ٻيو مُبينا آپگهات قومپرست اڳواڻ ۽ پرائمري استاد سائين محمد عثمان ڏيانگ به پنهنجي گهر ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي انمول زندگي جو انت آڻي ڇڏيو ، ڳوٺ ۾ سوڳ جا ڪڪر ڇانيل مڙھ مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي قوم پرست اڳواڻن صحافين سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت خبر موجب شهيد محمد فاضل راهو جي نگري ڪڙيوگهنور جي ڳوٺ حاجي دودو خان ڏيانگ ۾ شھيد فاضل راهوءَ، ۽ رسول بخش پليجي جي فڪر سان سلهاڙيل.عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نالي واري تعليمدان پرائمري استاد حاجي عثمان ڏيانگ ذاتي پريشانين کان تنگ اچي پنهنجي گهر جي بورچي خاني اندر رسو ٻڏي ڦاهو کائي مُبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس فوتي جي گهر پهچي لاش کي پوسٽ ماٽم لاءِ تعلقه اسپتال گولاڙچي آندو جتان ضروري قانوني ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچندي ئي ڳوٺ ۾ ڏُک جي لهر ڦھلجي وئي، ياد رهي ته حاجي عثمان ڏيانگ سنڌ جي تعليم جي بحالي لاءِ پارٽي طرفان نڪرندڙ ڊگهن لانگ مارچن سميت سنڌ جي وارثي ڪرڻ وارين سياسي جدوجهدن ۾ به هميشه جيان اڳڀرو رهيو، مرحوم جي جنازي نماز سندس ابائي ڳوٺ حاجي دودو خان ڏيانگ ۾ 3 بجي ادا ڪئي ويندي ، جنهن ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن سميت علائقي مان وسيع انگ ۾ عزيزن سياسي سماجي مذهبي ڌرين صحافين شرڪت ڪئي، مرحوم پويان هڪ بيواه ٻه پُٽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيا آھن سندس جسم خاڪي کي سوين الين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي. وارثن موجب حاجي عثمان ڏيانگ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي ، سندس ننڍو پٽ عزيز ڏيانگ به دماغي مريض آهي ، ان جو به علاج هلندڙ آهي ، ۽ پاڻ به ڪجھ وقت کان دماغي مريض شوگر ۽ بليڊ پريشر جو مريض ٿي ويو هو ، پوليس موجب به عثمان ڏيانگ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي ، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته حاجي عثمان ڏيانگ سان سندن ڀائرن جو ملڪيت تي تڪرار هلندڙ هو ، هن ان پريشاني کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي ڪڙيوگهنور 45 سالن کان جمهوريت لاءِ جهيڙيندڙ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي سابق اڳواڻ ڪامريڊ وشنومل سندس موت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي ته حاجي عثمان ڏيانگ انقلابي نغمن جدوجهدن مقابلن جي زمانن ۾ پنهنجي گهر ۾ اک کولي،هن جو والد حاجي دودو ڏيانگ 1960 واري زماني کان فاضل صاحب جو گهيرو دوست هو،فاضل سان سياسي جدوجهدن توڙي ذاتي ڪچهرين ۾ به گڏ هوندو هو، عثمان جي گهر ۾ فاضل جي جدوجهد نيلام بند ڪريو تحريڪ سنڌي ۾ لسٽون ڇپرايو تحريڪ جاذڪر شامل هوندا هئا، سنڌ سميت پوري پاڪستان خاص طورتي لاڙ جي علائقي جي مظلوم عوام جو ڏ ڍ ڀرجهلو ۽ ساٿ جو سونهون هو. جنهن جا ذڪر عثمان جي گهر ۾ روز جي بنياد تي ٿيندا رهندا هئا، عثمان جو ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ ڪڙيوگهنور هائي اسڪول روزانو ڳوٺ کان 6 ميل پنڌ ڪري اچڻ پڙھڻ هن جي زندگي تي وڏو اثر وڌو. ڳوٺ کان ڪڙيو گهنور اچي پارٽي جي ماڻھن سان بحث مباحثا ڪرڻ عثمان جو روز جو معمول هوندو هو، فاضل جي ڏڍ سرپرستي جي ڪري هن جي گهر سميت پوري علائقي جي ماڻھن ۾ حوصلو وڌيو ۽ ظلم جي خلاف پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ شعور اُجاڳر ڪيو، پورن 55 سالن جي دور ۾ هڪ ڏينهن به جدوجهد شعور کان خالي نه هو عثمان پاڻ پنهنجي غريب ۽ بيوس عوام جو ڏڍ ڀرجهلو هو،
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور