بدين(ن س) بدين جي شهر کورواھ ڀرسان ڳوٺ صالح راهمون ۾ انور راهمون ۽ ميهن وسايو خاصخيلي ديهه کورواهه ۾ زمين جي مالڪي ۽ فصل ڪٽڻ تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ راهمون برادري جا 4 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. قتل ٿي ويلن ۾ 38 ورهين جو انور راهمون 35 ورهين جو مدد علي راهمون، محمد صديق راهمون، 42 ورهين جو عبدالمجيد راهمون شامل آهن. جڏھن ته زخمين ۾ گل رند ۽ محمد حسن راهمون، ٻي ڌر جا احمد پٽ بچايو خاصخيلي عمر 34 سال پڻ قتل ٿي ويو آهي زخمين ۾ ميهن وسايو خاصخيلي، يوسف خاصخيلي، واحد بخش، گلشير خاصخيلي، شامل آهن پوليس موجب تہ قتل ٿيندڙن ۽ زخمين کي گولاڙچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
