برساتي پاڻي کان وڌيڪ گندو پاڻي روڊن لاءِ خراب آهي،سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جا روڊ تباهه ٿيڻ جا مختلف سبب آهن.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته برساتي پاڻي کان وڌيڪ گندو پاڻي روڊن لاءِ خراب آهي، ماڻهو برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ گٽرن جا ڍڪ هٽائي ڇڏيندا آهن ته جيئن برسات جو پاڻي نڪري سگهي.سعيد غني چيو ته پاڻي سبب سيوريج لائين اوور فلو ٿي وئي آهي، سيوريج جو پاڻي روڊن تي جمع ٿي ويو آهي. هن چيو ته يونين ڪميٽين کي ماضي ۾ 5 لک رپيا ماهوار ملندا هئا، جنهن کي وڌائي 12 لک ڪيو ويو آهي، يونين ڪميٽين جا فنڊ وڌائيا ويا آهن ته جيئن اهي پنهنجي علائقي جا ڪم ڪري سگهن.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ريڊ لائين منصوبي تي ڪجهه مهينن کان تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي، هو نٿو ٻڌائي سگهي ته اهو ڪڏهن مڪمل ٿيندو، ڪورنگي ڪاز وي تي 24 ڪلاڪ ڪم ٿي رهيو آهي، جنوري ۾ مڪمل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو