برسات سبب پاڪستاني شاهينز جو نيٽ سيشن متاثر

ڪوئنز ٽائون(ويب ڊيسڪ)ڪوئنز ٽائون ۾ برسات جي ڪري پاڪستان شاهينزجو نيٽ سيشن متاثر ٿي ويو.ڪوئنز ٽائون اسٽينڊ ۾ برسات سبب پاڪستان شاهين سيشن نه ڪري سگهيا پر رانديگرن جم سيشن ڪيو.ٻئي طرف ڪوئنز ٽائون ۾ پاڪستان گرين ۽ پاڪستان وائيٽ جي وچ ۾ هڪ ٽي 20 عملي ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان گرين جي اڳواڻي بابر اعظم ۽ پاڪستان وائٽ  جي اڳواڻي شاداب خان ڪئي.انهي دوران اوپننگ بيٽسمين امام الحق ڪوئنز ٽائون ۾ آسوليشن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ٿي ويو آهي.امام الحق ڪرسٽ چرچ ۾ آسوليشن پوري ڪرڻ کانپوءِ ڪئنز ٽائون پهچي ويو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته امام الحق نيوزيلينڊ اي خلاف 4 ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو