برما(ويب ڊيسڪ)ميانمار۽ ٿائيلينڊ ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي. ڇنڇر تي منجهند تائين ميانمار ۾ فوتين جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو هو، زخمين جو انگ 2300 ٻڌايو پيپ وڃي. ٿائيلينڊ آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي. بئنڪاڪ ۾ 33 ماڙ عمارت ڪرڻ سبب 100 کان مٿي مزدور لاپتا آهن ۽ خدشو آهي ته انهن مان ڪيترائي ملبي ۾ دٻيل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. جمعي تي منجهند ڌاري خوفناڪ زلزلي ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ڌڏي ويا هئا، بي بي سي جي رپورٽ موجب ميانمار ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان منڊلي شهر ۾ ٿيو آهي. 7.7 جي شدت واري زلزلي سبب برما ۾اي ايف پي موجب ٻنهي ملڪن ۾ عمارتون ۽ پلون ڪري پيون آهن. بينڪاڪ ۾ تعمير هيٺ عمارت ڪرڻ سبب به وڏي جاني نقصان جو خدشو آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت 7.7 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ان جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ميانمار جي شهر منڊالي کان 17.2 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هو. زلزلي کان پوءِ شديد آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا ويا.
Screengrab
اخٽيارين موجب ميانمار جي شهر ٽاؤنگو ۾ هڪ مسجد جو حصو ڪري پيو آهي، جنهن سبب گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا. مقامي ميڊيا موجب آنگ بان ۾ هڪ هوٽل ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 2 ماڻهو فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. سرڪاري ميڊيا موجب زلزلي سبب پنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عمارتون ڪري پيون، جڏهن ته يانگون-منڊالي ايڪسپريس وي تي به ٻه پل ڪري پيا آهن. ميانمار جي فوجي حڪومت متاثر علائقن ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ٻئي پاسي، ٿائيلينڊ جي گادي واري شهر بينڪاڪ جي گورنر موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿائيلينڊ ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آفٽر شاڪس جو امڪان موجود آهي، البته صورتحال وڏي حد تائين ڪنٽرول ۾ آهي. ٿائي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايمرجنسي ميڊيسن موجب، بينڪاڪ ۾ تعمير هيٺ هڪ تمام وڏي ۽ گهڻ ماڙ عمارت ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿيو، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ مزدورن کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي. ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم موجب، اڃا به 80 ماڻهو ملبي هيٺ ڦاٿل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. حڪام بينڪاڪ کي آفت زده علائقو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ زلزلي جي وڌيڪ جھٽڪن جي خدشي سبب ماڻهن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.