برک شاعر سيد مرتضيٰ شاھ ڏاڏاھي جو اوچتو وڇوڙو

ليکڪ زبير احمد ٻوھيو

زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين، مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين.

ڪنھن ڏاھي چيو ته ڪي ماڻھو ڄمندي ئي عظيم پيدا ٿيندا آھن.مطلب ڄمندي ڄام ھوندا آھن.ڪي ماڻھو پنھنجي پورھئي ، محنت ، سچائي ، خداد صلاحيتن ۽ قربانين سبب نالو ڪمائي عظيم ٿيندا آھن. انھن ئي عظيم ڪردارن ۾ سنڌي ادب جو ھڪ وڏو نانء سيد مرتضىٰ شاھ ڏاڏاھي جو به آهي، جنهن آخر ڪار ھن فاني دنيا کي ھميشه لاء الوداع چئي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.

Writer Zubair Bohio

سموري سنڌ ھن مھان شاعر ۽ اديب جي وڇوڙي تي سوڳوار آھي. ٽنڊوالهيار سان تعلق رکندڙ شاعر سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي 26 نومبر 1939ع ۾ سيد امام الله شاهه ڏاڏاهي جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ پنهنجي شروعاتي تعليم، سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي ۾ پنهنجي والد محترم کان حاصل ڪئي، پاڻ ڪيترن ئي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جنهن ۾ بزم مسافر، بزم طالب الموليٰ، بزم نور ادب، سنڌي ادب ثقافت سنگت، سنڌ سيد ايسوسيئيشن، حلال احمر ڪميٽي، اينٽي نارڪو ٽيڪس ڪميٽي، پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي ۽ وتايو فقير مئنيجمينٽ ڪميٽي. هن شخص پنهنجي ڪاوشن ذريعي مختلف تنظيمن جو پڻ بنياد وڌو، جنهن ۾ بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ان کان علاوه ٽنڊوالهيار پريس ڪلب جو بنياد پڻ وڌو، هن پنهنجي زندگي جا ڪجهه ڏينهن صحافت ۾ پڻ گذاريا. پاڻ شاعري جي شروعات 1953 ، چوڏھن سالن جي عمر ۾ ڪئي ۽ هن ڪافي ,غزل , گيت , نظم , وائي , بيت , قطعا , حمد نعت , منقبت مناجات وغيره لکيا.

ڪريو ڪين جيئري ته جانب جدايون، اچو محب مٺڙا ته ملي موڪلايون .

سندس جي ڇپيل ڪتابن ۾ , زھر ۽ زم زم 1984 ع ۔ تون پارس آئون لوه ۔ 1994 ع ۔ سھڻا سرھا گل 1996ع ۔ مان ذرو تون ماھتاب ۔ 2011 ،ع  ٿورا نه ٿورا ,2015 ع ,ڏاڏاھي جا ڏھ ھزار 2017 ع  چڱو ٿيو اوھان کان به وسري وياسين  2019 ع شامل آهن. سندس اڻ ڇپيل مواد ۔ عشقيه شاعري ۔ وطن جا گيت مزاحيه نظم ۔ مزاحيه ڪالم زرعي نغما ۽ ميوزيڪل فيچرس وغيره شامل آھن. سندس جا گيت 51 سالن کان ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تان  نشر ٿي رھيا آھن. پاڻ ڪيترائي ايوارڊ پنھنجي نالي ڪيا جن ۾ سھڻي ميھار گولڊ ميڊل ۔ نئين زندگي گولڊن جوبلي ايواڊ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ ۔ بلديه حسن ڪارڪردگي ايوارڊ ۔ ڍول فقير ايوارڊ ۔ مصطفي قريشي ايوارڊ ماھوار نئين زندگي شاھ لطيف ايوارڊ , ماھوار ھالار بھترين ايوارڊ ، سنڌي ادبي سنگت يادگار شيلڊ , روزانه ايمان ايوارڊ ۔ دنيا ٽي وي ايوارڊ ۔ ٽنڊوالھيار پريس ڪلب ايوارڊ ۔ شھيد سنڌ راڻي ايوارڊ ۔ محڪمئہ بھبود آباد حڪومت سنڌ ايوارڊ،2017 ،۾ صدارتي ايوارڊ،1992 ۾ ادب دوستن طرفان تاجپوشي به ڪرائي وئي ئي ٻيا ڪيترائي کوڙ سارا ايواڊ پڻ ڏنا ويا. سندس جي شان ۾  ٽنڊوالھيار ميونسپل ايڊ منسٽريشن طرفان مرتضي ڏاڏاھي ھال پڻ تعمير ڪرايو ويو آھي. پاڻ ھڪ عظيم انسان ھئو سندس جي پرچار صدين تائين ياد رکي ويندي پاڻ ايڏيون ته خدمتون سرانجام ڏئي ويا آھن جو ھر ايندڙ نسل سندس جا گيت ڳائيندو سندس جي عظيم علمي ڪم سان پاڻ کي روشناس ڪندو ايندو, اسان حڪومت سنڌ کان اپيل ٿا ڪيون ته سندس جي شان ۾  ڪو وڏو ايوارڊ ان جي نالي نامزد ڪري.

قدر جيئري نه  ڪيئي  جاني مري ويندس ته  ساريندين 

ڪري ھائي  ھائي ھڻي ھٿڙا ھنجو ھرروز  ھاريندين Zubairalibohio.732@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو