بشار الاسد جو جهاز ڪيڏانهن ويو؟ فلائيٽ ڊيٽا اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شام تي باغين جي قبضي بعد صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ملڪ ڇڏي ويندڙ بشار الاسد ڪيڏانهن ويو يا ڪٿي آهي؟ ان بابت ڪا به تصديق ٿيل معلومات اڃا تائين ناهي ملي سگهي. برطانيا ۾ سيرين آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس (ايس او ايڇ آر) مانيٽرنگ گروپ جي اڳواڻ رمي عبدالرحمان چيو آهي ته سندس معلومات موجب دمشق انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ڇنڇر ۽ آچر واري رات مقامي وقت موجب 10 وڳي (8 وڳي جي ايم ٽي) موجب بشار الاسد کي جنهن جهاز ۾ ملڪ ڇڏڻو هو، ان کي اڏام ڪرڻي هئي.ڄاڻايل هوائي اڏي تان ٻڌايل وقت موجب لائيو فلائيٽن ٽريڪنگ ويب سائيٽ ’فلائيٽ راڊار24‘ موجب ڪنهن به جهاز اڏام نه ڪئي آهي. ويب سائيٽ موجب 00.56 تي چيم ونگز ايئر لائين جي ايئربس اي320 اڏام ڪئي ۽ ان فلائيٽ کي شارجا وڃڻو هو، جيڪا مقرر وقت تي شارجا پهتي آهي. ان سان اهو خيال پيدا ٿيو ته شايد بشار الاسد گڏيل عرب امارات پهتو آهي پر يو اي اي جي صدر جي سفارتي صلاحڪار، جيڪو بحرين ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ هو، تنهن ميڊيا کي ٻڌايو ته مونکي خبر ناهي ته بشار الاسد گڏيل عرب امارتن ۾ آهي. فلائيٽ ٽريڪنگ ويب سائيٽ موجب آچر تي 3.59 تي سيرين ايئر لائين اليوشن Ilyushin Il-76T ڪارگو فلائيٽ اڏام ڀري آهي. هوائي اڏي کان اوڀر طرف رواني ٿي ۽ ڪجهه دير بعد جهاز جو رخ اتر اولهه طرف ميڊيٽيرينين سمنڊ جي ڪناري طرف رخ ڪيو. هي شام جو اهو علائقو آهي جتي علوي شيعن جي اڪثريت آهي ۽ روسي نيوي ۽ ايئرفورس فوج جو اڏو به هتي واقع آهي. ٽريڪنگ ويب سائيٽ موجب حمز شهر تان اڏام وقت هي جهاز 20 هزار فٽ جي بلندي تي اڏام ڪندو رهيو جنهن جو سگنل 4.39 تي غائب ٿي ويو. ان وقت هي جهاز حمز کان اولهه ۾ 13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو ۽ ان وقت جهاز ڪافي هيٺانهين تي اڏامي رهيو هو يعني زمين کان صرف 1625 فٽ فاصلي تي هو. لائيو ٽريڪنگ فلائيٽ ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جهاز ڪافي پراڻو هو ۽ ان ٽرانسپونڊر به پراڻي ٽيڪنالاجي وارو هو. هي علائقو جي پي ايس سگنل سينسرنگ واورو آهي، جتان گذرڻ وقت ڪنهن به جهاز جو سگنل تمام خراب ٿي ويندو آهي. هن جهاز جي لينڊنگ بابت ڪا معلومات ناهي ۽ نه ئي ان علائقي ۾ جهاز ڪريش ٿيڻ جا ڪا خبر سامهون آئي آهي. ڪجهه ميڊيا آئوٽ ليٽ جهاز جي روس ويندي حادثي جو شڪار ٿيڻ ۽ بشار الاسد جي مارجڻ جي افواهن واريون به خبرون هلايون آهن جن جي ڪا به تصديق ناهي ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو