بشريٰ جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي برابرآهي : ارسلان

سکر (ن س)سنڌ سرڪار جي ترجمان ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته بشريٰ بي بي جو بيان عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. بشريٰ بي بي جي بيان تي ردعمل ڏيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت ملڪ جي معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ تي عمل پيرا آهي، بشريٰ بي بي کي گذارش آهي ته مديني جي نالي کي پنهنجي ناڪاري سياست لاءِ استعمال نه ڪري. ارسلان اسلام شيخ جو چوڻ هو ته بشريٰ بي بي سعودي عرب کان ورتل تحفن جا تفصيل عوام آڏو آڻي، سعودي عرب کان ملندڙ تحفا توشا خانا ۾ جمع ڪرڻ بدران هڙپ ڪيا ويا. سنڌ حڪومت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني امانت ۾ خيانت ڪئي آهي، جنهن جي اسلام ۾ ڪا اجازت نه آهي، بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس جي آزادي لاءِ اسلام آباد جو امن خراب ڪرڻ بدران عدالت سان رابطو ڪري ته وڌيڪ بهتر هوندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي قيادت عوام کي رياست خلاف ڀڙڪائي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو