بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت بشريٰ بي بي جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 26 نومبر جي احتجاج سان لاڳاپيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي زال بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي.عدالت بشريٰ بي بي جي 7 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 5 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.بشريٰ بي بي پاران حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ ۽ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو