نيب ترميمن جي ڪيس ۾ حڪومتي اپيلن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلن تي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئچ ڪئي، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي بئنچ ۾ شامل آهن.وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالتي فيصلي جي مختلف نڪتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجا دليل لکيا آهن.چيف جسٽس چيو ڇا توهان فيصلي کي سپورٽ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو مان جسٽس منصور علي شاهه جي نوٽ کي سپورٽ ڪري رهيو آهيان.چيف جسٽس پڇيو ڇا توهان مخدوم علي خان جا دليل اختيار ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي فاروق نائيڪ چيو ته منهنجو موقف اهو ئي آهي پر دليل پنهنجا آهن.سپريم ڪورٽ طرفان مدد لاءِ گهرايل وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش ٿيو.جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو اصل 90 ڏينهن جي رمانڊ مان مطمئن هو؟ نيب جنهن انداز ۾ گرفتاريون ڪندو هو ڇا اهو درست هو؟خواجا حارث چيو نيب ۾ ڪيتريون ئي ترميمون سٺيون آهن، 90 ڏينهن جي رمانڊ مان مطمئن نه هئاسين نه گرفتارين مان، جيڪي ترميمون سٺيون هيون انهن کي چئلينج نه ڪيو ويو. چيف جسٽس پڇيو نيب آرڊيننس ڪڏهن آيو هو؟ جنهن تي خواجا حارث ٻڌايو ته نيب قانون 1999 ۾ آيو هو، جسٽس چيو 1999 ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي؟ نالو کڻي ٻڌايو، خواجا حارث چيو جنرل پرويز مشرف جي حڪومت هئي، پرويز مشرف کان اڳ نواز شريف جي دور ۾ اهڙي قسم جو احتساب ايڪٽ هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا پرويز مشرف ته چيو هو نيب جو مقصد ڪرپٽ سياستدانن کي سسٽم مان ڪڍڻ آهي، پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي به ڪجهه اهڙو ئي هو. وڪيل چيو اسان جي درخواست ۾ ڪنهن سياستدان جو نالو نه لکيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ظاهري طور پي ٽي آءِ باني جي حڪومت به رڳو سياستدانن جو احتساب ڪرڻ چاهيو. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ ذريعي اٽارني جنرل کي نوٽيس ٿيو هو، اٽارني جنرل ڇو ڪوشش نه ڪئي ته ڪيس ٻيهر لڳي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ان وقت گرمين جون موڪلون شروع ٿي چڪيون هيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ٺهيو ته مان عدالت ۾ ويهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، ان وقت بحث هلي رهيو هو ته اختيار منهنجو آهي يا ڪنهن ٻئي جو آهي، ٻاهر وڃي شينهن بڻجندا آهيو پر سامهون اچي ان تي مون سان ڪير ناهي ڳالهائيندو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جي جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جهڙا طاقتور ادارا هئا، ٻڌايو ان ڪيس جو ڇا ٿيو؟خواجا حارث چيو طاقتور ادارن جي موجودگي باوجود ان ڪيس ۾ ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو، جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇيو خواجا صاحب ٻڌايو ڪهڙين ترميمن کي چئلينج ڪيو ويو هو، توهان سيڪشن 9 فائيو اي ۾ ترميمن کي چئلينج ڪيو هو، سيڪشن 14 ختم ڪرڻ کي چئلينج ڪيو هو. جسٽس اطهر من الله چيو نيب جو مقصد ئي سياسي انجنيئرنگ لاءِ هو، خواجا حارث صاحب توهان پنهنجي اصيل کي ڏکيائين ۾ وجهي رهيا آهيو، نيب ترميمون ڪالعدم ٿيون ته توهان جي اصيل کي نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو