بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن

حيدرآباد ( ن س ) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ اينڊ ايڪسائيز ٽيڪسيشن و نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ شرجيل انعام ميمڻ 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي گاهه هٽڙي باءِ پاس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلسل ڌمڪيون ملڻ جي باوجود 18 آڪٽوبر تي بهادري ۽ همت سان پاڪستان آئي ۽ ڪراچي ڪارساز تي ٿيندڙ ڌماڪي جي ڪري پي پي جي شهيڊن جي ياد ۾ پيپلزپارٽي جلسو حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انشاالله سڀاڻي جو جلسو تاريخي جلسو ثابت ٿيندو _ جلسي گاه ۾ 80 هزار ڪرسيون لڳي چڪيون آهن سڀاڻي انشاالله لکين ماڻهو جلسي ۾ شرڪت ڪندا _ شهيد، پي پي جو اثاثو آهن جن کي جلسي جي صورت ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو _ هن چيو ته محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي منشور ۾ تذڪرو ڪيو هو ته ٺيڪ اهڙي طرح آئيني ترميم جي سلسلي ۾ بلاول ڀٽو مذاڪرات ڪري رهيو آهي _ هن چيو ته پي پي جيڪي به وعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن ، اڄ جي سڀ کان وڏي هائوسنگ اسڪيم جو منصوبو جيڪو ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت 21 لک گهر ٺاهيا پيا وڃن جڏهن ته هاري ڪارڊ پڻ پي پي کڻي آئي آهي ، پي پي ڪڏهن به ڏاڍ جي سياست کي نٿي مڃي ۽ نه ئي ڪو جبر ڪيو آهي _ ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد شهر ۾ پي پي چيئرمين جي سڏ تي گورنر ڪي پي ڪي جلسي ۾ شرڪت لاءِ آيو آهي کيس ڀليڪار چئون ٿا _ هن چيو ته جمهوريت جي سٺي روايت آهي ته سڀني کي گڏ وٺي هلجي _ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو موقف آهي ته سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه طور تي آئيني ترميم ۾ حصو وٺن ، اسين ته اختر مينگل ۽ پي ٽي آئي کي به آئيني ترميم جي لاءِ دعوت ڏيون ٿا _ پاڻي جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته ترميم ۾ پاڻي جي ورهاست جي ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي _ وڪيلن جي آئيني ترميم تي احتجاجي سڏ بابت سوال تي هن چيو ته بلاول ڀٽو ملڪ جي مختلف بارايسوسيئيشن وٽ به ويو آهي اسان ڪنهن به جج جي پنهنجي پسند يا نه پسند نٿا چاهيون_صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ پي سي او ججز آڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو ، بي بي شهيد انصاف لاءِ واجهائيندي رهي پر کيس انصاف نه مليو، بعد ۾ افتخار چوڌري ، ثاقب نثار ۽ بنديال جهڙاججز آيا پر انصاف ڪٿان به نه مليو _ ان موقعي تي گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 18 آڪٽوبر2007 پي پي لاءِ تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ثابٿ ٿيو _ جمهوريت جي جدوجهد ۾ حيدرآباد صف اول ۾ شامل رهيو آهي _ حيدرآباد جا ڪارڪن ڪڏهن به پارٽي کي مايوس نه ڪندا ، سڀاڻي واري جلسي جو مقصد ڪارساز جي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو پيو وڃي _ هن چيو ته پي پي پي هميشه حيدرآباد سميت پوري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن _ ٻئي پاسي اسانجي صوبي خيبرپختونواهه جي صورتحال اها آهي ته هرطرف ڌرڻا ، احتجاج ۽ تشدد جي سياست ٿي رهي آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿي رهيو آهي _ هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري احتجاج ۽ ڌرڻن کي فروغ ڏنو پيو وڃي ، پي پي ڪنهن به غير قانوني عمل کي سپورٽ نه ڪندي _ اسان کي وفاق کان اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياري صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ڪري ملي آهي ، آئيني ترميم جي سلسلي ۾ متفقه طور تي سياسي پارٽين جو جيڪو فيصلو ايندو اهو منظور هوندو_

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو