بلاول جي نواز شريف سان ملاقات

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي بلاول نواز شريف کي عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته قومي سياسي معاملن ۾ اتفاق راءِ سان گڏجي هلڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو نواز شريف سان ملاقات کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف سان گڏجي ادارن جي تڪراري ڪردار کي آئيني ڪردار ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان اڳ به ائين ڪري چڪا آهيون، عمران خان خلاف پرڏيهي سازش نه، جمهوري سازش هئي بلاول چيو ته عمران خان جو بيانيو آهي ته مونکي ڇو نه بچايو ويو، عمران خان خلاف وائيٽ هائوس نه، بلاول هائوس جي سازش هئي

پهنجو تبصرو موڪليو