ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي جي فيز ون جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايڪسپريس وي جي افتتاح لاءِ پهتو جتي هن پاڻ پنهنجي گاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي تي ڊرائيو ڪئي، ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ گاڏيءَ ۾ موجود هو.بلاول ڀٽو زرداري ايڪسپريس وي تي 100 رپيا ٽول ٽيڪس پڻ ادا ڪيو ۽ ايڪسپريس وي جو تفصيلي جائزو ورتو،،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽن نسلن کان پ پ ۽ منهنجو خاندان ڪراچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، صدر زرداري جيترا وسيلا ڪراچي کي ڏنا ٻئي ڪنهن نه ڏنا. قائد عوام شهيد ڀٽو ڪراچي کي وڏا وڏا منصوبا ڏنا، شاهراهه فيصل، اسٽيل مل سميت ٻيا ڪيترائي اهم منصوبا ڀٽو ڏنا، محترمه بينظير ڀٽو سدائين ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته صدر زرداري جيترا وسيلا ڪراچي کي ڏنا، ايترا ڪنهن نه ڏنا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جيڪي منصوبا ڏنا اهي ڪامياب ٿيا، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪاروباري طبقي کي فائدو نه ٿيندو ته اهو توهان سان گڏجي ڪم ڇو ڪندو؟ مان وڏي وزير کي درخواست ٿو ڪيان ته اڳ ۾ بزنس ڪميونٽي کي مطمئن ڪيو، پوءِ عالمي سيڙپڪار پاڻ ايندا. سندس چوڻ هو ته وفاق طرفان سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن بهاني وسيلا ناهن ڏنا ويندا، پ پ هاڪاري سياست تي يقين رکي ٿي. ..افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شاهراههِ ڀٽو ٺاهڻ ۾ اسان کي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي، اڄ کان 30 سال اڳ محترمه بينظير ڀٽو هڪ پيڪيج ڏنو هو، جنهن ۾ ان منصوبي سان گڏوگڏ لياري ايڪسپريس وي ۽ ٻيا منصوبا پڻ شامل هئا،
لاس اينجلس ۾ لڳندڙ خوفناڪ باھ
شاهراهه ڀٽو جو افتتاح، وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ پيو ڪري، بلاول
بنگلاديش پاڪستان لاءِ ويزا شرط نرم ڪري ڇڏيا، آن لائن ويزا جي به سهولت
اصل گرفت اسٽيبلشمينٽ جي آهي، اسان صرف پارليامينٽ ۾ ويٺا آهيون، مولانا
شاهراه شهيد ذوالفقار ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عملي جدوجهد جو نتيجو آهي
سانا طرفان پاڻي ڪانفرنس،ڪئنال ڪڍڻ زندگي ۽ موت جو مسئلو قرار
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار
غريب ملڪن ۾ نياڻين جي تعليم تائين پهچ يقيني بڻائڻي پوندي
قومي اسيمبلي 13 جنوري ۽ سينيٽ جو اجلاس 14 جنوري تي طلب
منڊي بهاءُ الدين ۾ آتشبازي جي سامان ۾ ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 7 زخمي
ملير ايڪسپريس وي فيز ون جو افتتاح، عزم عوام جي خدمت ڪرڻ آهي
پي بي 45 تان ڪامياب اميدوار علي مدد جتڪ جو نوٽيفڪيشن معطل
لاس اينجلس ۾ لڳل باهه تي ضابطو نه آيو، 11 ڄڻا فوت
نوابشاهه ۾ استاد جو معصوم نينگر تي تشدد، اک ضايع
مٽياري ۾ پوليس ڪارروايون، شراب هٿ، 3 جوابدارن گرفتار
اسٽاڪ ايڪسچينج پوري هفتي ۾ ٻاڙائي رهي، بلند سطح 118735 رهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريگيولر بينچن جي نئين لسٽ جاري
پاڪستان اچي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي: ملالا يوسفزئي
وصي الله لاکو جي انٽرپول ذريعي گرفتاري لاءِ وفاق کي خط
عمران جي بني گالا منتقلي واري خواهش ۾ ڪا به سچائي ناهي