ڪوٽڙي (ن س) قومي احتساب بيورو يعني نيب ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن يعني ايف آءِ اي جي ٽيم اڱاري تي شهر جي مشهور هسپتال بلاول ميڊيڪل سينٽر تي اوچتو ڇاپو هنيو، جنهن دوران اسپتال جي عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. نيب ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم اسپتال جي ايم ايس کان رڪارڊ گهريو. بعد ۾گڏيل ٽيم ڊي سي آفيس پهتي، جتي هاءِ ويز، بلڊنگ، پبلڪ هيلٿ، ايجوڪيشن ورڪس ۽ صحت کاتي سوڌو مختلف کاتن جي عملدارن کي گهرائي معلومات ورتي وئي. نيب ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم طرفان عملدارن کان ماضي جي ڪارڪردگي، ٺيڪن ۽ فنڊز جي حوالي سان پُڇاڻو ڪيو ويو. گڏيل ٽيم بلاول ميڊيڪل هسپتال جو به پنج سالن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. هسپتال ۾ ڇاپي دوران ٽيم طرفان ايمرجنسي سينٽر، ليبارٽري، ٿيليسميا سينٽر، او پي ڊي، اسٽور ۽ ٻين شعبن جو جائزو ورتو ويو. ڇاپي دوران مريضن نيب ۽ ايف آءِ اي جي ٽيم آڏو شڪايتون ڪيون ته علاج سهي نه پيو ٿئي، ڳري فيس ورتي وڃي ٿي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
