ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي سنڌ ۾ سياسي جلسن ڪرڻ جو فيصلو آهي. ذريعن موجب، چار اپريل قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي گڙهي خدابخش ۾ رٿيل جلسي دوران بلاول ڀٽو زرداري باظابطا طور احتجاجي جلسن جو اعلان ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز تي جلسن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، سنڌ ۾ 6 جلسن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جو رخ ڪندو، جتي ايندڙ سياسي مهم لاءِ تياريون ڪيون وينديون.
