اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لاءِ پارٽيءَ جو اليڪشن بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي. پ پ جي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب فوزيه حبيب کي اليڪشن بورڊ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عامر فدا ۽ سيد سبط الحيدر بخاري کي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو 5 هفتن ۾ انٽرا پارٽي چونڊن جو عمل مڪمل ڪري.
