بلاول ڀٽو زرداري جي ملالا يوسفزئي سان ملاقات

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي سان ملاقات ڪئي آهي.بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ملالا يوسفزئي سان گڏ تصوير شيئر ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ملاله سان ملاقات ۾ عورتن جي حقن ۽ ڇوڪرين جي تعليم تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب هزارين اسڪول تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو