وفاقي حڪومت سان اختلافن جي نبيري لاءِ پي پي پاران ڪميٽي قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت سان معاملا حل ڪرڻ لاءِ 9 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، تفيصل موجب اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت سان معاملا اٿارڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، 9 رڪني ڪميٽي ۾ راجا پرويز اشرف، نويد قمر ۽ شيري الرحمان شامل آهي، ان کانسواءِ ڪميٽي ۾ سنڌ جو وڏو وزير ۽ بلوچستان جو وڏو وزير به شامل آهي، پنجاب جو گورنر سردار سليم خان ۽ خيبرپختونخوا جو گورنر فيصل ڪندي به هن ڪميٽي جو حصو آهي، هي ڪميٽي وفاقي حڪومت سان رابطي ۾ رهندي، مسئلن کي اجاگر ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ايندڙ مهيني ٿيندڙ سينٽرل ڪميٽي ايگزيڪٽو اجلاس ۾ پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو