رياض (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن غزه جي پٽي ۽ لبنان ۾ جاري فوجي آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي روڪٿام ۽ ان سبب پيدا ٿيل سيڪورٽي ۽ انساني اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جو جائزو ورتو. عرب ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير ۽ پرڏيهي وزير جي وفد ۾ سعودي قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر موساد العبيکان ۽ جنرل انٽيليجنس چيف خالد الحميدان به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت غزه پٽي ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ سعودي عرب پهتو.
هاءِ ڪورٽ جو خان جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم
جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ ضلعي اميرن جو اعلان
9 مهينن جو قيد ڪٽڻ کانپوءِ آزادي بعد بشرا بي بي پشاور پهچي وئي
بائيڪاٽ جو فيصلو صحيح نه هو، جسٽس آفريدي جي مخالفت ڇو ڪريون؟
هاءِ ويليو ٽارگيٽ سميت باجوڙ ۾ 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا
سينيٽ حال ۾ زبردستي داخل ٿيڻ تي مينگل تي ڪيس داخل
انگلينڊ جي 267 جي جواب ۾ پاڪستان جا 73 تي 3 آئوٽ ٿي ويا
پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نئين گاڏين جي فراهمي
ايس يو پي ۽ جماعت اسلامي جو گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق
پريالو ويجهو هٿياربند مبينا طور ناري کي اغوا ڪري ويا
صنعتڪار اثاثو آهن ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي
سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پريالي جو رهواسي قتل
ايڪسائيز جي روهڙي ۾ ڪارروائي، ٽرڪ مان پوڻا 4 مڻ چرس هٿ
تاريخ معاف ناهي ڪندي، جسٽس منصور جو چيف جسٽس کي خط
عمران خان کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم
آصفه ڀٽو پاران پوليو جي خاتمي واري جنگ ۾ متحد ٿيڻ جي اپيل
مون کي خبر نه هئي ته منصور شاهه چيف جسٽس نه ٿيندو: بلاول ڀٽو
ڊفينس مبارڪ مسجد ڀرسان ڪار تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو
گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن تائين ملتوي
پگهاردار طبقي جي مسئلن کان آگاهه آهيون، وڌيڪ بار نه وجهنداسين