بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ ٿيندو. اجلاس ۾ چار قراردادون ۽ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ زراعت کاتي سان لاڳاپيل سوال پڇيا ويندا.اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس اڄ ڊپٽي اسپيڪر غزالا گولا جي صدارت هيٺ 2:30 وڳي ٿيندو.اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبر مولانا هدايت الرحمان مقامي ماهيگيرن جي حقن لاءِ قانون سازي بابت ڌيان ڇڪائيندڙ نوٽيس پيش ڪندا. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري سنجي ڪمار ۽ روي پاهوجا بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ اقليتن جي نمائندگي، جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر فضل قادر مندوخيل کي زوب بائي پاس تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ اسيمبلي ميمبر سيد ظفر آغا کي مذهبي اسڪولن جي شاگردن کي اسڪالرشپ فراهم ڪرڻ بابت الڳ الڳ قراردادون پيش ڪندا. اجلاس ۾ زراعت کاتي سان لاڳاپيل سوال پڇيا ويندا ۽ انهن جا جواب ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو