بلوچستان جو مسئلو.،.حقيقتون ۽ سچائيون

طفيل مگسي
جڏھن بر صغير جو ورهاڱو ٿي رهيو هو ته جناح جي خواهش تي پنجن سون(500) جي ويجهو آزاد رياستن جو ڀارت يا پاڪستان سان الحاق راء شماري يا ريفرنڊم جي وسيلي ڪرڻ جي بجاء ھيڊ آف دا اسٽيٽ کي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڪري شامل ڪيو ويو هو.جناح جي ڀيٽ ۾ پنڊت نهرو ڪانگريس اڳواڻ غفار خان.مولوي آزاد ۽ پاڻ گانڌي جي به ريفرنڊم ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا.حالانڪ انهن پنج سو رياستن جا اڪثر اڳواڻ هندو يا سک هئا.ظاهر آھي ته ان جو فائدو ڀارت کي ٿيڻو هو..ليڪن سياسي گهرج اها هئي ته راء شماري جي وسيلي فيصلو ڪيو وڃي ها۽ ريفرنڊم جي وسيلي االحاق ٿيئي ها ته اڄ علائقي جي صورتحال بلڪل مختلف ٿي پيئي سگهي هئي.
انهن پنجن سو رياستن ۾ يعني ڪن ۾ سکن جي اڪثريت هئي۽ اڳواڻَھندو هو.ڪن ۾َھندو سک اڪثريت ۾ ھئا ۽ اڳواڻ مسلمان هو.۽ ڪن ۾ سک يا ڊوگرا اڳوڻ ھئا ۽ اڪثريت مسلمانن جي هئي.انهن ۾ ذڪر جي قابل رياستون حيدرآباد.ڄمون و ڪشمير .جو نها ڳڙھ.سيڪم ۽ بنگال وغيره هيون.
سرحد ۽ ان ڄمون ڪشمير گلگت ڀلستان کي پاڪستان زبردستي پاڻ ۾ شامل ڪري ڇڏيو .جيتوڻيڪ ڄمون و ڪشمير جا ماڻھواڄ به آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آھن.
هند جي ورهاڱي جي ان عمل کانپوء اسان اصل موضوع يعني بلوچستان جي پاڪستان ۾ شموليت ڏانهن اچون ٿا.هندستان کان اڳ بلوچستان نوابي رياست قلات.لسٻيلو.خاران مڪران ۽ سيستان تي مشتمل هئي.اپهائون حصو سيستان هينئر ايران جي قبضي ۾ آھي.جڏھن ته باقي علائقا پالستان ۾ شامل آھن.اويريو حصو ديرو غازي خان .جيڪب آباد(خان ڳڙھ .نصير آباد ۽ ڪوئٽا تي مشتمل هو).جنهن کي رياست قلات سڏيو ويندو هو.اڪثر ڪري پختون آباد هئا ۽ آھن جڏھن ته اولهائين حصي ۾ اڪثريت بلوچن جي آھي.انگريز انهن چئني مٿي بيان ڪيل رياستن کي ورهائي ڇڏيو هو .1896ع ۾َ بلوچستان جو ڪجه حصو افانستان کي ڏنو ويو هو.اهي سمورا بندوبست بلوچن کي ڪمزور ڪرڻ جي لاء هئا.جيڪو انگريزن جو هٿيار هو“ورهايو ۽ حڪومت ڪيو“اوله بلوچستان جي رياست سيستان وغيره ۾ بندر عباس.مڪران.خاران ۽ ميناب شامل آھن.جتي بلوچن جي اڪثريت کي تبديل ڪري حغرافيائي ايڊجيسٽمينٽ ڪئي وئي.ساڳئي ريت هندستان سندس اثر هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ آزمائي رهيو آھي ۽ اتي ڪشميرن کي اقليت ۾ بدلائڻ جي لاء بهارين کي آباد ڪري رهيو آھي.
ديرو غازي خان ۽ راجن پور هيئنر پنجاب ۾ شامل آھن.اهي علائقا به بلوچستان جي رياست جا حصا آھن.
هاڻي اوهان سمجهو ته بلوچ قوم جو مسئلو ڇا آھي؟
موجوده بلوچستان کي جيڪڏھن پکيڙ جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آھي ۽ جيڪڏھن ايران.پاڪستان ۽ افغانستان کان سمورا علائقا واپس بلوچستان ۾ شانل ڪيا وڃن ته اهو پاڪستان جي وڏي رياست بڻجي ٿو.
جڏھن خان آف قلات پاڪستان سان الحاق ڪيو ته هن کي اميد هئي ته پاڪستان راجن پور ۽ ديرو غازي خان واپس شامل ڪري ڇڏيندو.ياد رهي ته اهي ٻئي علائقا برطانوي بيٺڪيتي دور ۾ پنجاب ۾ شامل ڪيا ويا هئا.ليڪن پنجاب جي بيورو ڪريسي ڪنهن به حڪومت کي موقعو نه ڏنو ته بلوچ قبيلا مايوس ۽ بيزار ٿي ويا بعد وارين حالتن ۾ اهي شڪوه شڪايتون شدت جو بڻجي ويا.جيڪي اڄ به تشدد وارو رخ اختيار ڪري رهيا آھن.
انهن علائقن ۾ بوزدار.قيصراڻي.لغاري.گورچاڻي.مگسي.جتوئي ۽ مزاري قبيلا بلوچ آھن.اڳوڻ وزيراعلي بوزدار جي قبيلي انگريزن جي ان فيصلي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ پڻ ڪئي هئي.اصل ۾ بلوچ قوم 1967ع جي واقعي کان پوء پاڪستان کان مايوس ٿي وئي.ٿيو ائين هو ته اختر مينگل جي بابا (عطا الله مينگل) ڪجه ڀائرن ۽ قبيلي سان گڏجي سان گڏجي ڪري هٿياربند جدوجهد شروع ڪري ڇڏي۽ نواب اڪبر بگٽيء جيان پهاڙن تي چڙھي ويا.ان وقت جي مشھور ڊڪٽيٽر ايوب خان قرآن شريف تي هٿ رکي قسم کنيو ته اوهان هيٺ اچو ۽ حڪومت اوهان کي ڪجه نه ڪندي .اهي ايوب کان تي پروسو ڪندي هيٺ آيا ته فوج انهن تي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي.جنهن جي پاداش ۾ ڪافي بلوچ شھيد ٿيا ۽ ٻارهن سون کان وڌيڪ بلوچن کي گرفتار ڪيو ويو.انهيء قسم جي روش هئي ته جيڪا اڪبر بگٽيء کانپوء اڃا به وڌيڪ نفرت جو سبب بڻجي وئي.
اڄ جيڪڏھن بلوچ قوم جا ڪجه ماڻھو علحيدگي جي تحريڪ هلائي رهيا آھن ته اهي ڪئين غلط آھن.اوهان ئي ته انهن کي انهي پاسي ڏانهن ڌڪڻ تي مجبور ڪيو.
اوهان انصاف نه ڪندو ته پاڻھي پاڻ اوهان ختم ٿي ويندو.اڃا به موقعو آھي ته بلوچ قوم جي شڪايتن جو ڪو سياسي حل ڪڍيو وڃي .اتان جي غربت جو خاتمو ڪيو وڃي.انهن جي قدرتي وسيلن تي پهرين بلوچن جي بعد ۾ وفاق جي ضرورت پوري ڪئي وڃي .صوبي کي اوليت جي بنيادن تي ترقي ڏني وڃي .ماضي جي روش کي بدلايو وڃي ته ڪو سبب ناهي ته بلوڇ قوم جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي وڃي.ليڪن اوهان زبردستي جاري رکي ته بلوچ جي تاريخ اها آھي ته اهو ٽٽي سگهي ٿو.ليڪن ڪڏھن به جهڪي نٿو سگهي.؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو