بلوچستان جي ضلعي بارکھان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

بارکھان (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي بارکھان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.زلزلي جي مرڪز موجب، برخاني ۾ زلزلي جي شدت 3.9 ۽ کوٽائي 12 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.زلزلي جو مرڪز برخاني کان 59 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ هو. زلزلي جي ڪري فوري طور تي ڪنهن به نقصان جي رپورٽ ناهي ملي.ياد رهي ته عيد جي ڏينهن تي به ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.زلزلي جا جهٽڪا شام 4:11 تي محسوس ڪيا ويا.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ زلزلي جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڪراچي کان 75 ڪلوميٽر اتر ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو