ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب شاگردن کي يونيورسٽين ۾ اچڻ کان روڪيو ويو. انتظاميا موجب، ڪوئيٽا جي يونيورسٽين ۾ تدريس جو عمل سيڪيورٽي خدشن سبب اڻڄاتل مدي تائين آن لائين ڪيو ويو آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته بلوچستان يونيورسٽي، وومين يونيورسٽي ۽ آءِ ٽي يونيورسٽي ۾ تدريس جو عمل معطل آهي ۽ هاڻي ڪلاس آن لائين ورتا پيا وڃن. انتظاميا موجب، تربت يونيورسٽي کي ڪجهه شاگردن خلاف ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي تي جاري احتجاج سبب بند ڪيو ويو آهي.
